ڍونگريءَ جو هڏو

ڍونگريءَ جو هڏو

ڍونگريءَ جو هڏو

ڍونگريءَ جو هڏو

ڍونگريءَ جو هڏو

ڍونگريءَ جو هڏو (Sacrum): انساني چيلهه جي ’ڍونگريءَ جو هڏو‘ ٽڪنڊو هڏو (Triangular Larbone) ٿئي ٿو ۽ ٽڪنڊي چپر (Wedge Shapped) وانگي ٿئي ٿو. هي هڏو ڪرنگهي (پٺيءَ جي ڪنڊي (Vertebral Column Spine) جي هيٺئين (آخري) مُهري (Vertebrae) جيڪو پٺيءَ جي ڪنڊي جو چوويهون (24) مهرو آهي. يعني: چيلهه Lumbar جي پنجين آخري مُهري وٽان شروع ٿئي ٿو. ڍونگري پنجن مهرن تي مشتمل آهي. هن جا مهرا هڪٻئي سان مٿان کان هيٺ پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿين ٿا. ڍونگريءَ جو مٿيون حصو، جنهن کي ڍونگريءَ جو تَرو (Base) چيو ويندو آهي. پٺيءَ جي آخري مُهري (يعني چوويهين مهري) سان مليل هوندو آهي. جڏهن ته ڍونگريءَ جو هيٺيون حصو جيڪو گول چُهنب (چوٽي: Apex) وانگي ٿئي ٿو. دمچيءَ جي هڏِي (Coccyx) ۽ ڳڀيرڻ (Uterus) وانگي هوندي آهي، جن جا ترا مٿي ۽ چوٽي هيٺ هوندي آهي.
ڍونگري ڪُڙهه جي پوئين پاسي واري خال (Back cavity) ۾ ٿئي ٿي. هن جي مٿئين حصي جون ٻئي ڪنڊون هر هڪ پاسي نَري (iliac) سان ملي، نَري جو جوڙ (Sacroilic Joint/ Innominate Joint) ٺاهين ٿيون. هن جو اڳيون حصو اڳتي اُڀريل (مٿي بيٺل: Promontory) نظر ايندو آهي. ڍونگري جي هر هڪ پاسي انيڪ سوراخ (Foramina) ٿين ٿا، جن سوراخن مان رت جون تنتون ڍونگري جي نليءَ (Sacral Canal) مان مٿان لنگهي (ڪرنگهي جي نالي (Vertebral Canal) مان لنگهي) هنن سوراخن (Formina) مان نڪري، جسم جي هيٺئين ڌڙ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. هيٺين ڌڙ کي تازو آڪسيجيني رت (Oxiginated blood) پهچائين ٿيون ۽ هيٺين ڌڙ ۾ ڪتب آيل رت (Corbonated) واپس دل ڏانهن صاف ٿيڻ لاءِ کڻي وڃڻ لاءِ پهچائين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو